سيده نفيسه شاهه

سيده نفيسه شاهه

سيده نفيسه شاهه

سيده نفيسه شاهه: ناليوارِي سياستدان، صحافي، سماجي اڳواڻ خيرپور جي اڳوڻي ضلعي ناظمه، ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه، 20 جنوري 1968ع تي جنم ورتو. سيده نفيسه شاهه سينيئر سياستدان ۽ سنڌ جي موجوده وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي نياڻي آهي. شروعاتي تعليم سينٽ جوزف ڪائوينٽ اسڪول مان او ليول ۽ ڪراچي گرامر اسڪول مان اي ليول جا امتحان پاس ڪيا. گرئجوئيشن آرٽس ۾ جرمن يونيورسٽيءَ مان ڪيائين، جڏهن ته ماسٽرس آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان سوشل اينڊ ڪلچرل اينٿروپالاجيءَ ۾ ڪيائين. ڏهن سالن جي تحقيق کانپوءِ هن ساڳيءَ يونيورسٽيءَ مان Honour Violence, Law and Power: A case study of Karokari in Upper Sindh جي موضوع تي 2010ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس اها ٿيسز هن وقت ڪتابي صورت ۾ ڇپائيءَ هيٺ آهي.
سيده نفيسه شاهه کي سياسي ماحول گهر ۾ ئي مليو، ان ڪري سياست سان سندس دلچسپي ننڍپڻ کان رهي. هيءَ پنهنجي والد سيد قائم علي شاهه جي اليڪشن مهم ۾ حصو وٺندي رهي. 2001ع جي مڪاني چونڊن ۾ هوءَ ضلعي ناظمه چونڊي، جنهن دوران هن خيرپور جي ضلعي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا. سندس شمار بهترين ناظمن ۾ ٿئي ٿو. هوءَ 2008ع وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر بڻي. جتي پارليامينٽري اسٽيڊنگ ڪميٽي جي ميمبر رهي.
سيده نفيسه شاهه سٺي صحافي ۽ تجزيانگار پڻ رهي آهي. هن جا ماحوليات، جٽادار ترقي (Sustainable Development) ۽ صنفي مسئلن (Gender Issues) تي انگريزي اخبار ’دي نيوز‘، رسالي هيرالڊ، نيوز لائين کانسواءِ ٻاهرين ملڪن جي نامور اخبارن ۽ مخزنن ۾ مضمون ڇپجندا رهيا آهن. ان کانسواءِ هوءَ مقامي انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٽي. وي چئنلن کانسواءِ بي. بي. سي ۽ سي. اين. اين وغيره تي سياسي ۽ سماجي پروگرامن ۾ مهمان ۽ مبثر جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندي رهي آهي.
کيس اي. پي. اين. ايس طرفان 1993ع ۾ ’بهترين ليک‘ (Best Article) جو اوارڊ ملڻ سان گڏ کيس ٻيا به ڪيترا اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ ورلڊ اڪانامڪ فورم طرفان 2005ع ۾ ’ينگ گلوبل اوارڊ‘، اقوام متحده طرفان 1993ع ۾ ’گلوبل رول آف آنر اوارڊ‘، رسالي نيوز ويڪ طرفان 2011ع ۾ کيس ’پاڪستان جي 100 نمايان عورتن‘ جي فهرست ۾ شمار ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت نفيسه شاهه کي 2005ع ۾ امن جي نوبل انعام لاءِ به نامزد ڪيو ويو هو.
سيده نفيسه شاهه، انساني حقن جي عورت اڳواڻ طور ملڪ ۾ وڏي مقبوليت رکي ٿي. هوءَ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (N.C.H.D) جي پليٽفارم تان تعليم، ثقافتي هنرن سميت ٻوڏ متاثرن جي فلاح بهبود لاءِ وڏو ڪم ڪندي رهي آهي. ان ڏس ۾ هن ڪيترا اسڪول، بالغان جي تعليم جا مرڪز ۽ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ قائم ڪرايا آهن. هوءَ هن وقت پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر آهي.


لفظ سيده نفيسه شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.01.20  عيسوي

ناليوارِي سياستدان، صحافي، سماجي اڳواڻ خيرپور جي اڳوڻي ضلعي ناظمه، ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه، 20 جنوري 1968ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريٽي زنٽا
مير علي شير قانع ٺٽوي
شمس الدين شيخ ڊاڪٽر
حقاني محمد حسن
ابو دائود امام
ڀائي مولچند عاج وارو
علياڻي بهادر خان
حڪيم عثمان بوبڪائي
ملا جلال ٺٽوي
شير شاهه سوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون